ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر چيتن شرما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر چيتن شرما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب چيتن شرما استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو اسٽنگ آپريشن کانپوءِ پيدا ٿيل تڪرار کانپوءِ ڀارتي ميڊيا موجب چيتن شرما اسٽنگ آپريشن ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارتي رانديگرن ۾ فٽنيس جي کوٽ آهي. جنهن تي مٿس استعيفيٰ لاءِ سخت دٻاءُ هو، چيتن شرما پنهنجي استعيفيٰ بي سي سي آءِ سيڪريٽري جي شاهه کي موڪلي ڇڏي، جنهن تي هن فوري طور استعيفيٰ قبول ڪري ورتي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته چيتن شرما جي انڪشاف کانپوءِ روهت شرما ۽ هاردڪ ڀارت ۾ سخت ناراض ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو