ڀارتي چنڊ مشن جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هندستان جي چنڊ مشن، چندرايان 3 چنڊ تي پنهنجي 2 هفتن جي خلائي تحقيق وارو مشن مڪمل ڪري ورتو آهي. ڀارتي خلائي ايجنسي چيو آهي ته چندرايان 3 جي روور کي هاڻي سليپنگ موڊ ۾ رکيو ويو آهي. ڀارتي خلائي ايجنسي موجب چنڊ روور چنڊ جي ڏکڻ قطب تائين 100 ميٽر کان وڌيڪ سفر ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي ايندڙ مشن لاءِ ٻيهر چالو ڪيو ويندو. ڀارتي خلائي ايجنسي چيو آهي ته چنڊ مشن ڀارت جي سفير طور اتي ئي رهندو. ڀارتي مون مشن چنڊ تي سلفر، لوهه، آڪسيجن ۽ ٻين عنصرن جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڀارت جو خلائي مشن 23 آگسٽ تي چنڊ جي ڏکڻ قطب جي مٿاڇري تي پهتو هو. ڀارت، آمريڪا، چين، روس کان پوءِ چنڊ تي پهچندڙ چوٿون ملڪ آهي. چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهچندڙ ڀارت دنيا جو پهريون ملڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو