ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي شيلنگ 2 شهيد، 3 شهري زخمي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي بلاجواز شيلنگ سبب 2 شهري فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. فوجي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪوٽلي ضلعي جي نڪيال سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج شيلنگ ڪئي جنهن سبب 60 سالن جي سلامت بي بي ۽ 13 سالن جو ذيشان فوت ۽ هڪ عورت رضيه زخمي ٿي پيا. سلامت بي بي جي پٽ خورشيد موجب سندس والده ۽ گهرواري هڪ گهر ۾ هئا ۽ زيشان ٻئي گهر ۾ هو جن تي گولا ڪريا ۽ هو زخمي ٿيا. جڏهن ٽنهي کي بنا سهولت واري تعلقي اسپتال پهچايو ته ڊاڪٽرن سلامت بي بي جي فوت ٿين جي تصديق ڪندي باقي ٻن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ريفر ڪيو. نڪيال کان ڪوٽلي تائين 37 ڪلوميٽر جو روڊ خراب هئڻ سبب ڏيڍ ڪلاڪ ۾ جڏهن پهتا ته ذيشان به فوت ٿي ويو. ٻنهي جي جنازي نماز ڪوٽلي ۾ ادا ڪرڻ بعد کين مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪوٽلي محمد اڪمل  موجب ساڍي ٽين وڳي اوچتو ڀارتي فوج شيلنگ شروع ڪئي جيڪا ساڍي ڇهين وڳي تائين جاري رهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڇنڇر تي حويلي ضلعي جي پير سيڪٽر ۾ ڀارتي فائرنگ 32 سالن جي نازيه شڪيل ۽ سند 6 سالن جو پٽ نعمان سخت زخمي ٿي پيا هئا. فوجي ترجمان جو چون آهي ته ڀارتي فوج عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي ۽ پاڪ فوج کين ڀرپور جواب ڏنو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجه فاروق حيدر شهادتن تي افسوس ظاهر ڪندي چيو ته اهي قربانيون ضايع نه ٿينديون پر جلد رنگ لائينديون. هن ڀارتي فوج جي مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو بنا جواز شهرين تي فائرنگ ۽ شيلنگ جو نوٽيس وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو