ڀارتي فائرنگ 2 شهري شهيد 3 فوجين سميت 6 زخمي

راولپنڊي (پ ر) ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي ۽ شهري آبادي تي فائرنگ ۾ 2 شهري شهيد ۽ 3 فوجين سميت 6 زخمي ٿي پيا. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي جورا سيڪٽر ۾ تازي ڀارتي خلاف ورزي تي پاڪستاني فوج به ڀرپور جوابي ڪاروائي ڪئي جنهن ۾ سندن چيڪ پوسٽ تباهه ٿي وئي ۽ ڪجهه فوجي مارجي ويا آهن جن جا لاش کڻندي به کين ڏٺو ويو. جورا سيڪٽر ۾ شهيد ٿيل شهرين ۾  14 سالن جو شهريار ۽ 29 سالن جو نويد شامل آهن. ترجمان موجب هڪ عورت سميت 3 شهري زخمي به ٿيا آهن. جڏهن تي ڀارتي فوج جي بلا جواز فائرنگ ۾ 3 پاڪستاني فوجي جوان به زخمي ٿيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ افغان سرحد تي لنڊي ڪوٽل ۾ باڙ لڳائيندي ديسي ساخت جي بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ هڪ فوجي جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا هئا. جن ۾ شهيد ٿيل لانس نائڪ تقدير علي اورڪزئي شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو