فاني بنگلاديش داخل،24 فوت، وڻ،بجلي جا پول هوا۾اڏامڻ لڳا

ڍاڪا(م ڊ) تيز طوفان ڀارت کانپوءِ ڇنڇر جي صبح بنگلاديش ۾ داخل هوائن جي رفتار 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مان گهٽجي 75 ڪلوميٽر ٿي وئي پر پوءِ به 24ڄڻا مارجي ويا. طوفان وڻ ۽ گهرن جون ڇتيون پٽي هوا ۾ اڏائي ويو، واهن جا پشتا ۽ بند ڀڄي پيا 36 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ناريل جا وڻ هوا ۾ پکين جيان اڏامڻ لڳا. اي ايف پي موجب 2000 گهرن کي نقصان پهتو آهي. تيز هوائن سان گڏ سخت بارش پڻ جاري آهي. هڪ بلڊنگ ۾ ماڻهو ڦاسي پيا جن کي ريسڪيو ڪيو ويو. 16 لک ماڻهن کي اڳواٽ ئي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو. هوڏانهن جمع تي ڀارتي رياست اڙيسا جي سامونڊي پٽي سان خوفناڪ طوفان”فاني“ ٽڪرائجي ويو، وڻ، بجلي جا پول ۽ سائن بورڊ وغيره پٽجي ويا، ايئرپورٽ بند، حفاظتي انتظام سخت 200 کان وڌيڪ زخمي. حڪومت اڳواٽ ڏهه لک ماڻهن کي علائقو خالي ڪرائي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو هو. 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن دوران واچوڙا پڻ اچي رهيا آهن ۽ تيز بارش جو سلسلو به جاري آهي. عام طور تي ڀارت ۾ ڊسمبر کان اپريل جي وچ ڌاري طوفان ايندا آهن پر هن ڀيري مئي ۾ خطرناڪ طوفان آيو آهي. 1999 ۾ اڙيسا ۾ آيل فاني جهڙي طوفان ۾ ڏهه هزار ماڻهو مري ويا هئا پر هن دفعي موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۽ ريسڪيو ادارن جي تياري سبب نقصان گهٽ ٿيو آهي بلڪ جاني نقصان نه ٿيو آهي. طوفان مغربي بنگال ۾ به پهچي ويو آهي جتي ڪلڪته هوائي اڏو بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو