ڀارتي اڳرايون جاري،ڪنٽرول لائن تي 2 بزرگ شهري فوت

راولپنڊي(م ڊ) ڀارت پاران ايل او سي تي سيزفائر جي ٻيهر ڀڃڪڙي، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 2 شهري شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج به کين منهن ٽوڙ جواب ڏيندي 2 ڀارتي فوجي ماري ڇڏيا ۽ ڪيترائي زخمي ڪري ڇڏيا. فوجي ترجمان موجب ڀارتي فوج ڪنٽرول لائين تي جنگبندي جي ٻيهر ڀڃڪڙي ڪندي تتاپاني سيڪٽر وٽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شهري 75 ورهين جو لال الدين ۽ 61 سالن جو حسن الدين شهيد ٿي ويا. ترجمان موجب پاڪ فوج به ڀرپور جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي ڀارتي فوجي زخمي ٿي پيا. واضح رهي ته ڀارتي فوج ڪافي ڏينهن کان وقفي وقفي سان ايل او سي تي فائرنگ ڪري رهي آهي ۽ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن تي نيلم ويلي ۾ ڪلسٽر بمن سان حملو ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو