ڀارتي اڳرائي جو 27 فيبروري کان به سخت جواب ڏينداسين، ترجمان

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارت کي خبردر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جي مهم جوئي جي ڪوشش ڪئي ته ان کي27 فيبروري 2019کان به وڌيڪ سخت جواب ڌينداسين. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل انڊين آرمي جي چنار ڪور پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان جي رد عمل ۾ چيو ته ڀارت جو هڪ ٻيو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو آهي. چنار ڪور جي ڪمانڊر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان ڪشمير ۾ مختلف واقعن جون کلي عام ڌمڪيون پيو ڏئي، ڪو اچي وادي ۾ امن خراب ڪر ڏيکاري ته اسين کيس ختم ڪري ڇڏينداسين. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ صورتحال ۽ ڪشميرين تي وحشياڻو تشدد عالمي ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪشمير جي صورتحال تي اقوام متحده ۽ ميڊيا تي مرضي جي جاءِ تي وڃڻ تي پابندي آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير غيرملڪي ميڊيا ۽ گڏيل قومن جي مبصر گروپ جي لاءِ کليل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو