نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپريم ڪورٽ طرفان ڀارتي اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جي بدنامي ڪيس ۾ سزا معطل ڪرڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ راهول گانڌي جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سزا معطلي ۽ پارلياماني رڪنيت جي بحالي کانپوءِ راهول گانڌي هاڻي ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو.ياد رهي ته ڀارتي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي گذريل هفتي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي هئي.راهول گانڌي جي بدنامي جي سزا معطل ڪئي وئي جڏهن سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي جج کي وڌ ۾ وڌ سزا ڏيڻ جو ڪو سبب نه مليو.
