ٿر ۾ ڏڪاري حالتون، لڏپلاڻ، مارو مال کپائڻ تي مجبور

ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو)ٿر کان بانورا ڪڪر رُسي ويا مندائتي مينهن نه پوڻ ڪري انسان جانور بکن ۾ پاهه، سرڪار سڳوري ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار نه ڏنو بئراجي علائقن ڏانهن مارو ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ٿرپارڪر جي سڀني تعلقن ڪلوئي ڏيپلو ڇاڇرو اسلام ڪوٽ ننگرپارڪر مٺي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

Photo Sindhyar

ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين عمر نهڙيو بلاول نواز ڀٽو جيتام ٻين ٻڌايو ته هن سال مندائتا مينهن نه پوڻ ڪري ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري ماڻهو جانور بکن ڏکن ۾ پاه ٿي ويا آهن جڏهن ته ٿر ۾ مال جو چارو مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي پر ڊي سي ٿرپارڪر توڙي سنڌ سرڪار هن محل تائين ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار نه ڏنو آهي جنهن ڪري ٿر مان لڏ پلاڻ جو سلسلو تمام تيز ٿي ويو آهي.

Photo Sindhyar

ڪتيون ڪپار اچي ويون آهن جنهن ڪري هيلوڪي وسڪاري جون اميدون مٽي ۾ ملي ويون آهن جڏهن ته شروعاتي مينهنء دوران قرض کڻي پوکيل فصل گهربل برسات نه پوڻ سبب سڪڻ لڳا مارو ماڻهو دڪاندارن جا قرضي ٿي ويا سرڪار کي گهرجي ته ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي فوري طور ماڻهن کي امدادي سامان ڏئي چوپائي مال جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو وڃي جئين ڪنهن وڏي الميي کان بچي سگهجي. ٿر ۾ ڏڪار جو فائدو وٺندي ٻاهر جا واپاري ٽولين جي صورت ۾ ٿر ۾ لهي پيا مارو ماڻهو ٻاهر جي واپارين هٿان لٽجڻ لڳا ٿر جي مال پڙين ۾ چوپائي مال جي وڪري لاءِ رش لڳل ماڻهو اڌ رقم تي مال وڪڻڻ لڳا اڌ رقم تي چوپايو مال خريدار ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري ٿري ماڻهن کي لٽجڻ کان بچايو وڃي.

Photo Sindhyar

ٿر تي ڏڪار جا لامارا چونڊيل نمائندن کي ننڊ وڪوڙي وئي سوشل ميڊيا تي چونڊيل نمائندا گولي ڏيو جو ٽريڊ هلڻ لڳو جڏهن ته ٿر ۾ ڏڪاري حالتون هئڻ باوجود چونڊيل نمائندن ڪو پريس بيان جاري نه ڪيو نه ڪا ٿري ماڻهن جي مالڪي ٿي سگهي. ٿر ۾ ڏڪاري حالتون ماڻهن جي لڏپلاڻ چوپايو مال ڪاهي بئراج ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا مسلسل چوپايو مال سفر ۾ هئڻ ڪري بيمار ٿي مرڻ لڳو ٿر جي عوام کي ڪنهن به پنهنجو درد نه سمجهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو