ٿر ۾ اٽي ٻوڏ جي سٽيل ماڻهن جي ڏکن ۾ اضافو،بکون ڪاٽڻ تي مجبور

ٿر ۾ اٽي ٻوڏ جي سٽيل ماڻهن جي ڏکن ۾ اضافو،بکون ڪاٽڻ تي مجبور

مٺي (ن سنڌ يار)ٿر ۾ اٽي جي وڌندڙ اگه غريبن ۽ ٻوڏ جي سٽيل ماڻهن جي ڏکن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ڪيترائي ماڻهو اٽو نه ملڻ تي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ضلعي انتظاميا اٽي جي ريٽ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي فلور مل تي چار هزار رپيا مڻ جڏهن ته دڪاندارن پاران چوئيتاليهه سئو رپيا مڻ ويڪرو غريب طبقو عذاب هيٺ اچي ويو خبر موجب ٿرپارڪر جي سڀني تعلقن ڏيپلو مٺي ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن جنهن ۾ ڪلوئي بلوچ آباد ونگو پتڻ ستون ميل سنتورو بازار ۾ اٽي جا ريٽ وڌڻ کان پوءِ ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ تي مجبور آهن ان سلسلي ۾ ٿر جي سوشل ورڪر ڏاڏو اڪبر درس پاران سوشل ميڊيا تي مهم به هلائي وئي آھي هن سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٿر ۾ اڳئي ماڻھو هڪ ويلي تي گزارو ڪرڻ جهڙا مٿان سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگه وڌائي غريبن کي بکن ۾ وجهي ڇڏيو آھي هن چيو ته سرڪاري گدامن ۾ ڪڻڪ خراب پئي ٿئي سنڌسرڪار کي گهرجي ته ٿر جي عوام لاء رليف ڏنو وڃي انتظاميه نالي ڪا شئي ڪونھي فلور ملز مالڪ ۽ دڪاندار هڪ هٽي قائم ڪري ٻني هٿن سان غريب عوام کي لٽي فري رهيا آهن پر کائن ڪير پڇڻ وارو ڪونهي هنن چيو ته فلور ملز مالڪ هڪ سئو رپيا ڪلو جڏهن ته عام دڪاندار هڪ سئو ويه روپيا في ڪلو ويڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري هتي جو غريب طبقو سخت پريشان بڻيل آهي هوڏانهن مختلف علائقن مان ٻڏي آيل ماڻهو ٿر جي ڀٽن تي ويٺل آهن جن پنهنجا سور ونڊيندي چيو ته اسان هتي ٻڏي آيا آهيون مٿان اٽي جا مهانگا ۽ ڳاٽي ٽوڙ ريٽ هئڻ ڪري اٽو خريد ڪري نه سگهيا آهيون جنهن ڪري ٻچا بک تي آهن جڏهن ته واضح رهي ته پوري ٿرپارڪر ۾ انتظاميه طرفان اٽي جي وڌندڙ ريٽ نه ڪا ريٽ لسٽ لڳائي آهي نڪو وڌندڙ ريٽ تي ڪنٽرول ڪيو آهي جنهن ڪري منافعي خور واپاري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن هتي جي رهواسين اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي منافعي خور واپارين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اٽي جي ريٽ تي ضابطو آندو وڃي نت ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو