اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي اي پي ٽي ايل پاور پلانٽ تي گذريل ڏينهن ڪوئلو شفٽ ڪندڙ ڪنويئر بيلٽ تي زوردار ڌماڪو ٿيو ڌماڪي بعد باھ لڳي وئيي مليل اطلاعن موجب ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو ڌماڪي ۽ باھ بعد پاور پلانٽ جو ڪم فوري بند ڪيو ويو آھي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو عملي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪيو آھي ذريعن موجب باھ سبب پلانٽ اندر ڪم ڪندڙ پنج پورهيت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو جن جي حالت بهتر ٻُڌائي پئي وڃي انهن سلسلي ۾ اينگرو ڪمپني جي ميڊيا ترجمان موجب ڪالھ شام 5 بجي ڌاري اي پي ٽي ايل پاور پلانٽ جي 330 ميگاواٽ جي يونٽ 1 جي ڪوئلي واري ڪنويئر سسٽم ۾ ڌماڪو ٿيو. فوري طور تي حفاظتي ۽ هنگامي ريسپانس ٽيمن کي متحرڪ ڪيو ويو. هن وقت اسان جي سڀ کان پھرين ترجيح پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ۽ انهن جي گھربل مدد ڪرڻ آهي. ھن واقعي ۾ 5 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي حالت خطري کان ٻاھر آھي ۽ کين ضروري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. واضع ڪجي ٿو ته پاور پلانٽ جو هڪڙو يونٽ اڳواٽ ئي طئي ٿيل معمول جي مرمت لاءِ بند هيو جڏهن ته ٻيو يونٽ هلندڙ هو. حفاظتي سببن کي نظر ۾ رکندي ھاڻي ٻئي يونٽ کي پڻ بند ڪيو ويندو ۽ ان دوران ان واقعي جي تحقيقات جاري رھندي.










