نئون ڪوٽ(رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مورن پکين کي بچائڻ لاءِ اگھور ننڊ ستل جهنگلي جيوت کاتو نه جاڳيو، نئونڪوٽ ويجهو ڳوٺ پڌريو مورا ۾ وڌيڪ ٽي مور پکي پراسرار بيماري وگهي مري ويا، مري ويل مورن جو انگ 13 ٿي ويو. تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ پڌريو مورا جي رهواسين چيو ته جهنگلي جيوت کاتي جي نااهلي سبب ڏهن ڏينهن دوران 13 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن ۽ ڪيترائي مور بيماري ۾ مبتلا ٿي تڙپي رهيا آهن اسان ڪافي مرتبا لاڳاپيل کاتي کي اطلاع ڏنا آهن پر ڪير به اسانجي دانهن نٿو ٻڌي هنن چيو ته اگر ترت علاج نه ڪيو ويو ته مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو. ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مور پکي هميشه لاءِ موڪلائي ويندا هنن جهنگلي جيوت کاتي سميت ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد مورن کي بچائڻ لاء جوڳا اپا ورتا وڃن، ٻئي صورت ۾ ٿر جي حسن بچائڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.










