ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووڪيبلري چٽاڀيٽي مقابلا منقعد

مٺي ( لياقت نھڙيو ) ٿرپارڪرايجوڪيشن الائنس طرفان ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ چيلهار ٽائون ڪاميٽي جي تعاون سان هاءِ اسڪول مٺي ۽ ٿر ۾ پهريون دفعو وڪيبلري ڪامپيٽيشن رکي وئي جنهن ۾ ٿرپارڪر جي ٽيهه هاءِ اسڪول جي شاگردن حصو ورتو. حصو وٺندڙ ٻارن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. جڏهن ته فائنل ڪامپيٽيشن ۾ سخت مقابلي بعد هاءِ اسڪول مٺي جي شاگردن ديانند ۽ سردار سنگهه پهرين پوزيشن، موڏور هاءِ اسڪول جي شاگردن نظير احمد سومرو ۽ چندر ڪمار ٻي پوزيشن ۽ نارٿ ڪالوني گرلس اسڪول جي شاگردياڻين جئمالا ۽ اشيتا بچاڻي ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي.

پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميونسپل چيئرمين مٺي ڊاڪٽر منوج ملاڻي، ٿر ايجوڪيشن الائنس جي سي اي او پرتاب شيواڻي، پرديپ ڪمار اوجها، انور ساهڙڪيلاش لوڍا، واسديو سوٽهڙ ۽ ٻين شيلڊون ۽ انعام ڏنا. ٿر ۾ پهريون دفعو ٿيندڙ انهي سرگرمي ۾ شرڪت ڪندڙن تمام گهڻي ساراهه ڪئي ۽ اهڙيون سرگرميون اڳتي پڻ جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن ٿر جي ٻارن کي پنهنجو ٽيلينٽ ظاهر ڪرڻ جوموقعو ملي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو