’ٿريڊز‘ جا 5 ڪروڙ صارف ڀڄڻ بعد نوان فيچر متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميٽا باس مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي ته سندس نئين سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٿريڊز پنهنجي اڌ کان وڌيڪ صارفين کي وڃائي ڇڏيو آهي. ٽوئٽر جي مقابلي ۾ تيار ڪيل ايپ هن مهيني جي شروعاتي پنجن ڏينهن اندر 100 ملين کان وڌيڪ استعمال ڪندڙن تائين پهچ حاصل ڪئي پر جلد ئي پنج ڪروڙ ماڻهو ڇڏي ويا. مسٽر زڪربرگ چيو آهي ته”جيڪڏهن توهان وٽ 100 ملين کان وڌيڪ ماڻهو سائن اپ ٿيا پر اڌ به باقي آهن ته اهو ڪافي آهي”. اڌ کان وڌيڪ صارف وڃڻ بعد ٿريڊز ايپ ۾ ٽوئٽر جيان فالوئنگ ۽ فالو جا آپشن شامل ڪيا ويا آهن. هن ايپ کي وڌيڪ مقبول بنائن لاءِ ٻيا نوان فيچر به شامل ڪرڻ تي ڪم هلي پيو. ياد رهي ته هر مهيني ٽوئٽر استعمال ڪندڙن جو انگ 45 ڪرور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو