پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق؟

اسلام آباد /ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جي قيادت وچ ۾ ملاقات دوران 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو،جڏهن ته اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 9 کان 10 آگسٽ تائين جي تاريخن تي به غور ڪيو ويو، پيپلزپارٽي 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، قانوني ماهرن به 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر قومي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري جي منظوري نه ڏيندو ته اسيمبلي 48 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو ٽٽي پوندي، قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ جي رات 12 هين وڳي ختم ٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ اسيمبلي 11 آگسٽ بدران 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي اسيمبلي ۽ ڪابينا ميمبرز جي الوداعي تقريب جون تياريون شروع ڪري ڏنيون،سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ کان 2 ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي، ڪابينا ميمبرز کي 6 آگسٽ کان اڳ ترقياتي رٿائن جا افتتاحي پروگرام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.. پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي وفاق سان گڏ ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو سنڌ اسيمبلي به 8 آگسٽ تي ٽوڙڻ جو امڪان اهي تفصيل موجب پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي وفاق سان گڏ ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو صوبائي اسيمبلي ذريعن جو چوڻ آهي ته 7 آگسٽ تائين اسيمبلي مدي جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اسيمبلي جي سيڪريٽري کي اهم هدايتون ملي ويون آهن سنڌ اسيمبلي جو الوداعي اجلاس آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو 7 آگسٽ تائين صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو فائنل فوٽو سيشن ٿيندو ۽ سمورن ميمبرن کي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ آخري ڏينهن جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو اهي هن کان اڳ ذريعن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي 8 آگسٽ تي ٽوڙي ويندي قومي اسيمبلي جي ٽوڙڻ جي سمري پاڪستان جي صدر کي اماڻي ويندي آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي صدر صحيح نه ڪئي ته 48 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي پاڻمرادو ٽٽي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو