سکر(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي لاءِ اسان وزيراعظم کي 5 نالا ڏئي ڇڏيا آهن، اياز صادق ۽ خواجا آصف ذريعي اسان جيڪي 5 نالا ڏنا اهي ميڊيا تي نه آيا آهن، راڻا ثناءُ الله جيڪي نالا ظاهر ڪيا اهي ڪميٽي جي فيصلي ۾ شامل نه هئا سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته راڻا ثناءُ الله مون کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته نگران وزيراعظم طور ڪير اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو وزيراعظم جي ڪچن ڪابينا جو ميمبر آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري عدليه جو مسئلو آهي، اڄ ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جون 80 سيڪڙو ذميوار عدالتون آهن، هزارا ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي تي ڏک ٿيو هن چيو ره اسان جا ريلوي ٽريڪ ڪافي پراڻا آهن، راڻيپور کان جنگشاهي تائين ريلوي ٽريڪ جي مرمت ٿيڻ گهرجي
