ڪراچي ( ن س) ڪراچي جي صفوران چوڪ تي پ پ شھيد ڀٽو طرفان تيل جي اگھن ۾ واڌ ڪرڻ سميت ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن ضلعي اوڀر جي صدر بگن خاصخيلي طارق حسين سيال عبدالمنان چانڊيو رشيد رند ذوالفقار سيال ۽ ٻين چيو تـ حڪومت غريب عوام کي رليف فراھم ڪرڻ بجاء الٽو مھانگائيء جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي پئٽرول جي اگھن ۾ واڌ ڪرڻ سميت ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مھانگائي سبب غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو جيڪي ھڪ ويلي جي ماني کائڻ لاء پريشان بڻيل آھن وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب غريب ماڻھو خوڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن مگر حڪمران مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاء عياشيون ۽ مزا ماڻڻ ۾ پورا آھن ھنن چيو تـ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب ماڻھن کي رليف ڏنو وڃي










