پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جو ڀاءُ گرفتار

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) نوشهروفيروز جي عدالت طرفان ڪچي ضمانت رد ڪرڻ بعد پ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جو ڀاءُ سعيد جمالي گرفتار ٿي ويو. نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دادو مان چونڊيل پ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي خلاف سيپڪو عملدارن تي تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدار سعيد جمالي جي ڪچي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ کيس عدالتي احاطي مان ئي گرفتار ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت رفيق جمالي جي ڀاءُ سعيد جمالي کي 7 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.واضح رهي ته سيپڪو جي چيف انجنيئر سرفراز احمد طرفان سعيد احمد جمالي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته هو جڏهن پنهنجي عملي سان گڏ ميٽر چيڪ ڪرڻ ويو ته سعيد جمالي ۽ سندس ساٿين کين تشدد جو نشانو بڻايو.ڪيس24 آگسٽ تي اي ٽي سي نوشهروفيروز ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جنهن تي اڄ ٻڌڻي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو