دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ پ ٽ الف ضلع دادو جي سڏ پ ٽ الف دادو ٽائون جي صدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جائز مطالبن جي مڃتا لاء ڇهين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري .ٽي اي او دادو خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته استادن جي جائزن مسئلن کي حل ڪرڻ بجاء استاد اڳواڻ کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ جائز مطالبن تان دستبردار ٿيڻ لاء پ ٽ الف اڳواڻ منصور ڪلهوڙي مٿان داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آئي آر ڪئي وئي آهي ٽي اي او سيڪنڊري جي ناجائزين خلاف مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري ٽي اي او سيڪنڊري کي هٽائيو وڃي ۽ پرائمري اسڪولن کي سيڪنڊري سائيڊ کان الڳ ڪيو وڃي ۽ پ ٽ الف جي استادن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ معاملي شاف شفاف انڪوائري ڪرائي راشي ۽ مها ڪرپٽ ٽي اي او دادو کي جلد کان جلد هٽائي پ ٽ الف اڳواڻن سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتالن ڪو سلسلو شروع ڪيو ويندو.










