پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي پ ٽ الف تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي استادن پاران ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء ھٿن ۾ بينر کڻي مين پرائمري اسڪول بلڙي شاھ ڪريم  کان پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم تائين ريلي ڪڍي . ميريٽ استادن جو ڪانٽريڪٽ عرصي دوران پرفيشنل ڊگريز جي بنياد تي کنيل انڪريمنٽس جي ڪٽوتي لاء  فنانس ڊپارٽمنٽ سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب بلڙي شاھ ڪريم سامهون احتجاجي مظاھرو ويو  جنهن ۾ استادن فنانس کاتي جي استاد دشمن فيصلي خلاف ھٿن ۾ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪندا رهيا استاد اڳواڻن چيو ته ميريٽ استادن جي ڀرتي دوران فنانس کاتي ۽ تعليم کاتي جي ڪيل مهائدي ۽ سکر هاء ڪورٽ جي فيصلي جن ۾ اهو واضع ڄاڻايل آھي ته ميريٽ استاد ڪانٽريڪٽ واري عرصي دوران سمورا بينيفٽ پروفيشنل ڊگريز جي بنيادن تي ملندڙ انڪريمنٽ کڻڻ جو حق رکي ٿو انهن سمورن مهائدن ۽ تعليم کاتي طرفان نڪتل نوٽيفڪيشن باوجود فنانس کاتي طرفان ميريٽ استادن جي پگهارن مان جبري ڪٽوتي نوجوان استادن سان دشمني آھي احتجاج دوران استادن جناب بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سبڌ وزير تعليم کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته ميريٽ استاد سنڌ ۾ پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آھن اڳ ۾ ئي سندن پگهارون 25 کان 30 هزار تائين آھن جيڪڏهن هر مهيني تقريبن 10 هزار ڪٽوتي ٿيندي رهي ته هن مهانگائي جي دور وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ان ڪري ضروري آھي ته فنانس کاتي جي اهڙي نوٽيفڪيشن کي فوري طور روڪايو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جا 70 هزار کان وڌيڪ ميريٽ استاد احتجاج جو حق رکن ٿا ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو