صحافي جي قتل ۾ 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، هڪ گرفتارٻيا فرار

نوشھروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر جو قتل ڪيس ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر سميت 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پڊعيدن پوليس مقتول صحافي جو ڪيس سندس ڀاءُ دائود راڄپر جي فرياد تي داخل ڪيوآهي. ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي اڻ سڃاتل ۽ چئن ڄڻن کي نامزد ڪيو ويوآهي. جن ۾ ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر، حبيب راڄپر، غلام علي راڄپر ۽ نظر محمد شامل آھن. ذريعن موجب چئن جوابدارن مان هڪ جوابدار حبيب راڄپر صبح ڌاري پاڻ مرادوگرفتاري پيش ڪئي هئي جڏھن ته باقي جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويا آھن. مقتول صحافي جي والد محمد اقبال، ڀاءُ دائود راڄپر ۽ ٻين وارثن ٻڌايو ته نوجوان علي شير کي بيگناه قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويوآھي اختيار ڌڻي معاملي جو نوٽس وٺي کين انصاف ۽ قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائين. هوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا پڻ ڪيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو