لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ ( ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم کي قومي اسيمبلي جي ايندڙ مهيني ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عمران خان جي مختلف ڪيسن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اميد آهي ته عمران خان جلد نااهل ٿي ويندو، پي ڊي ايم کي قومي اسيمبلي جي ايندڙ مهيني ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي.هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن امان ۽ اقتصادي صورتحال کي ڏسڻ کانپوءِ ئي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ کپي.ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين جماعتن کي اليڪشن ڪميشن ۽ معيشت سميت قومي معاملن تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ کپي.هن مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ڪندي چيو ته مولانا صاحب! اسان مُلڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي لهر تي جلد ظابطو آڻي وٺنداسين.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان تعميري سياست تي يقين رکون ٿا، هي وقت ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ واري سياست جو نه آهي.
