اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ هڪ ٻئي جو استعمال ڪري رهيا هئا، هي پنهنجي بچاءُ لاءِ پي ڊي ايم اتحاد ۾ شامل ٿيا.پي ڊي ايم جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مان هميشه چيو آهي ته پي ڊي ايم هڪ غير فطري اتحاد آهي هنن جو منشور ۽ سوچ هڪ جهڙي ناهي. هي ڳٺ جوڙ صرف مفادن جي ڪري آهي. سينيٽ چونڊن ۾ هي هڪ ٻئي مٿان شڪ جو اظهار ڪندا رهيا. اڄ هنن جا اندروني اختلاف کلي سامهون اچي چڪا آهن.شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالهه آصف علي زرداري استعيفائن لاءِ نواز شريف جي واپسي جو شرط رکيو جنهن کي مريم نواز رد ڪري ڇڏيو. استعيفائن جي مطالبي جي حوالي سان منهنجا بيان رڪارڊ تي موجود آهن. مان شروع کان چوندو پيو اچان ته پيپلز پارٽي استعيفائون نه ڏيندي. پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ حڪومت جي قرباني نه ڏيندي.پرڏيهي وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد نيب جي گرفتارين کان بچڻ لاءِ آهي. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ هڪ ٻئي کي استعمال ڪري رهيا هئا. هنن پنهنجي بچاءُ لاءِ پي ڊي ايم کي استعمال ڪيو هو. هنن ۾ اختلافن سبب مولانا فضل الرحمان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لانگ مارچ ملتوي ڪيو.










