ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي اءِ تي پابندي ۽ عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري ڪابينا جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسين حڪومت جا اتحادي آهيون ۽ ڪابينا پاران ڪيل فيصلي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسانجي پارٽي جي جن اڳواڻن ان فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي اهو سندن ذاتي موقف هو. ياد رهي ته 15 جولاءِ تي ڪابينا اهڙو فيصلو ڪيو هو جنهن جو اعلان اطلاعات واري وزير عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو هو. حڪومت جو فيصلو ان وقت سامهون آيو هو جڏهن سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني بينچ مان 11 ججن اڪثريت راءِ سان مخصوص سيٽن واري ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنو هو، عدالتي حڪم بعد قومي ۽ صوبائي اسمبلين ۾ 77 عورتن، ۽ اقليتن جون سيٽون پي ٽي اءِ کي ملڻ بعد قومي اسمبلي ۾ سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي هئي. حڪومتي اعلان بعد پي پي اڳواڻن رضا رباني ۽ فرحت الله بابر پي ٽي اءِ تي پابندي ۽ بغاوت جو ڪيس هلائڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي ان تي تنبقيد ڪئي هئي. جڏهن ته خورشيد شاهه چيو هو ته حڪومت ان فيصلي بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ۽ حڪومتي فيصلو نامناسب آهي. جنهن بعد پي پي اڳواڻن گول مول موقف اختيار ڪيو هو پر خميس تي پارتي جي سيڪريٽري جنرل حڪومتي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. بظاهر ائين پيو لڳي ته پيپلز پارٽي تي اقتدار جي اصل ڌڻين دٻاءُ وجهي اهڙو بيان ڏيارو آهي. ياد رهي ته مڪ جي اڪثر سياسي جماعتن پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي جيمخالفت ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي. خود مسلم ليگ (ن) جي ڪجهه اڳواڻن حيرت ظاهر ڪئي هئي ۽ راڻا ثناءُ الله چيو هو ته قانون مطابق اها ڪاروائي ٿيندي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو هو ته حڪومتي فيصلي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو.










