پي پي ايڇ آءِ ملازمن جو رسڪ الائونس لاءِ احتجاج

ڪشمور (جي ايم کوسو )پي پي ايڇ آءِ جي ملازمن ڊاڪٽر عبدالجليل  جي اڳواڻي ۾   پريس ڪلب جي سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو . ان موقعي تي اڳواڻن تقرير ڪندي چيو ته پي پي ايڇ آءِ ۾ ڪم.ڪندي 12سال گذري ويا پر اسان کي پڪو نٿو ڪيو وڃي جڏھن ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر مطابق ڪو به سيمي گورنمنٽ ملازمين 3سالن کان مٿي ٿي وڃي ته انھن کي گورنمنٽ ۾ ضم ڪيو وڃي.ھنن چيو ته اسان کي ريگولر ڪيو وڃي.رسڪ الائونس ڏنو وڃي ڪرونا ڪري سڀ سرڪاري ادارا بند آهن پر اسين ھر محاذ تي پي پي ايڇ آءِ لاءِ پنھنجي زندگي داءَ تي لڳائي ڊيوٽيون ڪريون پيا. ھنن چيو ته خيبر پختونخواھ بلوچستان ۽ گلگت ۾ ملازم پڪا ڪيا ويا پر سنڌ جي ملازمن سان ناانصافي ٿي رھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو