پي پي ايڇ آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو، عملي تي غفلت جو الزام

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) داد لغاري جي رهواسين جو پي پي ايڇ آءِ سينٽر ميرپورماٿيلو جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين پي پي ايڇ آءِ عملي تي غفلت جو الزام هنيو. احتجاج جي اڳواڻي رياض موچي، طارق، حيدر ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي رياض موچي ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن مان پنهنجي ڀيڻ رضيه کي پي پي ايڇ آءِ سينٽر ميرپور ماٿيلو ۾ داخل ڪرايو ته ڊاڪٽر مون کي رت لاءِ چيو مان وڏي ڪوششن بعد اوٻاوڙو مان رت جو بندوبست ڪيو پر ان باوجود پي پي ايڇ آءِ عملي اها رت ڪنهن فرج  وغيره ۾ نه رکي ۽ جڏهن اها رت مريض کي لڳي ته ري ايڪشن سبب مريض جي حالت خراب ٿيندي وئي. جنهن تي پي پي ايڇ آءِ عملي چيو ته مريض جي حالت خراب آهي هن کي سکر کڻائي وڃو، پر اسان غريب آهيون اسان وٽ ايتري طاقت ناهي جو اسان سکر وڃون. هن چيو ته جيڪڏهن مريض جو علاج نه پيا ڪن ته پهريان اسان کي ڇو نه مشورو ڏنو ويو هاڻي مريض جي حالت مڪمل طور خراب آهي، هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ عملي خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو