پي پي اميدوار جي چونڊ مهم، آصفه ڀٽو ميدان ۾ اچي وئي

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو ) صوبائي تڪ پي ايس 11 تي ٿيندڙ چونڊ جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي پاران گذريل رات دير سان طاقت جو مظاهرو ڪندي نئون ديرو چوڪ کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ريلي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بيبي آصفه ڀٽو زرداري، پ پ پاران نامزد ڪيل اميدوار جميل احمد سومرو، خان بهادر سردار محمد نواز شيخ، عامر زيب جتوئي، شرجيل رضواني، ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو، جاويد ناياب لغاري، مسرور راڄپر، فدا حسين ڊکڻ، ارشاد چنو، عمران حسن جتوئي، ظهير احمد ناريجو، آصف علي عباسي، ڪامران اوڍاڻو، مهراڻ خان خاصخيلي، سمندر خان شيخ، نويد ابڙو، نواز لغاري، شير خان لغاري، اظهر ڀٽو، ڪامريڊ الله بخش شيخ سميت ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ريلي شهر جي مختلف روڊن رستن نشتر روڊ، پراڻي بس اسٽينڊ، رائيس ڪئنال روڊ، وي آءِ پي روڊ، لاهوري محلا سميت ٻين کان ٿيندي نظر محلي پهتي، جنهن دوران ريلي مٿان شهرواسين گل نڇاور ڪري بيبي آصفه ڀٽو زرداري توڙي پ پ جي ٻين اڳواڻن جو شاندار استقبال ڪندي جيئي ڀٽو جا نعرا بلند ڪيا، ان موقعي تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي بيبي آصفه ڀٽو زرداري ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته مان اڄ عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي نڪتي آهيان، جڏهن ته مونکي يقين آهي ته لاڙڪاڻو جو باشعور عوام مون نياڻي کي مان ڏيندي شهيدن جي پارٽي طرفان لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي نامزد ڪيل اميدوار کي ووٽ ڪري ڪامياب ڪندا، هن چيو ته پ پ هر دور ۾ غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي حقن لاءِ جنگ ڪئي آهي، جيڪا جنگ آخري دم تائين جاري رهندي ۽ غريب ماروئڙن کي پنهنجا حق هر صورت ۾ مهيا ڪرايا ويندا، هوڏانهن پ پ پاران لاڙڪاڻي شهر جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي نامزد ڪيل اميدوار جميل احمد سومرو پاران نواب خان چانڊيو  جي گهرواري جي فوت ٿيڻ توڙي حمير ميمڻ جي والد جي فوت ٿيڻ تي سندن سان ڌار ڌار تعزيتون پڻ ڪيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو