آءِ ايم ايف سان ڊيل فخر نه پر فڪر جي ڳالهه آهي، وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ مختصر مدي واري معاهدي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اهم پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان 9 مهينن لاءِ اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو آهي ۽ 12 جولاءِ تي بورڊ مان منظور ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان کي چين ديفالٽ ٿيڻ کان بچايو، آمريڪا سان لاڳاپن جي ڪري سيپيڪ تي اثر نه پوندو، چين سان تعلقات وڌيڪ مظبوط ٿيندا، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ملڪي مفاد ۾ اڳتي وڌندي. وزيراعظم سان گڏ ناڻي وارو وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب ۽ پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف مان قرض ملڻ فخر نه پر فڪر واري ڳالهه آهي، اسين چاهيون ٿا ته هي فنڊ جو آخري پروگرام ثابت ٿئي، پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جيڪو ايٽمي قوت آهي، ان کي هاڻي قرض تي نٿو هلائي سگهجي، پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ روڊ ميپ ٺاهيو آهي، زراعت، معدنيات ۽ آءِ ٽي جي شعبن تي فوڪس ڪري ايڪسپورٽ وڌائبا. هن چيو ته فوج، حڪومت، عدليا کي پنهنجو ڪرادر نڀائڻ گهرجي. هن چيو ته رڪودڪ منصوبي ۾ عدالتي مداخلت سبب اربين روپيا خرچ ڪرڻا پيا چينوٽ ۾ خام لوهه بابت ملڪيت جو معاملو 4 سال عدالت ۾ هليو ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ فيملي ميمبر جي حق ۾ غلط فيصلو آيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال جا سبب ڄاڻڻ تمام ضروري آهن، 2018ع تائين پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو پر پوءِ بدترين ڌانڌلي ذريعي عمران نيازي کي مسلط ڪيو ويو، پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ مٽي پکيڙي ڇڏي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ پهرين ايڪسپورٽ ۽ پوءِ امپورٽ ڪئي وئي.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيترن ئي مهينن کان هلي رهيون آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون انتهائي سنجيدگي سان هلي رهيون آهن، اسان سمورين سياسي پارٽين پنهنجو سرمايو داؤ تي لڳايو ته جيئن پاڪستان ڊفالٽ نه ٿئي. هن چيو ته ايم ڊي آءِ ايم چيو ته اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان ڊفالٽ ٿئي، پيرس معاهدي کانپوءِ ايم ڊي آءِ ايف سنجيدگي ڏيکاري، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اڳتي وڌي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊنگ معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو آهي جنهن موجب آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽاف ليول جي معاهدي جي منظوري ڏيندو ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس جولاءِ جي وچ ۾ ٿيندو. آءِ ايم ايف سان معاهدي سان پاڪستان جي پرڏيهي ادائيگين تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ معاهدي سان سماجي شعبي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، معاهدو پاڪستان ۾ ٽيڪس روينيو وڌائڻ ۾ به مدد ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو