پي ٽي آئي جي حڪومت آئيني طريقي سان هٽائي وئي،آمريڪي رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي انساني حقن تي آمريڪي انتظاميا جي سالياني رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي حڪومت آئيني طريقي سان هٽائي وئي.عالمي انساني حقن تي آمريڪي انتظاميا جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آئيني طريقي سان پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽائي شهباز شريف جي قيادت ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي وئي.رپورٽ موجب ڀارت ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، والاريل ڪشمير ۾ دهشتگرد ڪارروائيون گذريل سال به ٿينديون رهيون، مودي حڪومت ۾ پوليس تشدد ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ٿيا.پاڪستان جي حوالي سان آمريڪي انتظاميا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ به انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو