پي ٽي آءِ ڪارڪن 8 فيبروري تي ووٽ ڏئي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا

صوابي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ ڪارڪن ووٽ ذريعي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا.هڪ بيان ۾ اسد قيصر چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف هڪ ٻئي ڪيس ۾ نواز شريف جو مطالبو هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي نااهل ڪيو وڃي.هن چيو ته اسان کي اڳ ئي خبر هئي ته فيصلا ڪيئن اچي رهيا آهن، جيڪو ٿي رهيو آهي اهو انصاف جو قتل آهي.اڳوڻي اسپيڪر چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سڀ کان وڌيڪ تحفا توشه خاني مان ورتا. اهو سڀ ڪجهه 8 فيبروري کان اڳ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مايوس ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي پر 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ ڪارڪن ووٽ ذريعي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو