پي ٽي آءِ کي 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد تحريڪ انصاف کي 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ريلي جي درخواست پي ٽي آءِ جي ريجنل صدر عامر مسعود مغل ڪئي جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد کي 2 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد امن امان جي صورتحال سبب اجازت نه ڏني، جنهن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مسعود مغل ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.عامر مغل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو راڄڌاني ۾ به ريلي کي سيڪيورٽي فراهم نٿا ڪري سگهن ته حڪومت ۾ هجڻ جو ڪو جواز ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو