اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي سانحي جو ماسٽر مائينڊ آهي، شفاف ٽرائل چاهيون ٿا.هن چيو ته فوجي تنصيبات تي حملي جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلي رهيو آهي، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي اهڙي سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿئي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عالمي ميڊيا چيئرمين پي ٽي آءِ جي انساني حقن واري پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
