اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڀاڻي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. نيب راولپنڊي پي ٽي آءِ چيئرمين جي طلبي جو سمن ٻيهر جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي جواب طور سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي نيب راولپنڊي جي آفيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي القادر ٽرسٽ بابت دستاويز گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
