پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن فيصل آباد پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن فيصل آباد اڻهاره هزاري ۾ 300 ڪئنال قيمتي زمين جعلسازي ذريعي پنهنجي نالي ڪرائڻ جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.عظميٰ خان اڻهاره هزاري ۾ چڪ نمبر 2/7 تهل جنوبي، ۽ چڪ نمبر 2/11 تهل جنوبي ۾ فراڊ ذريعي زمين پنهنجي نالي ڪرائي.عظميٰ خان کان علاوه تحصيلدار، نائب تحصيلدار، پٽواري، ايراضي رڪارڊ سينٽر جي عملي سميت ٽوٽل 9 ڄڻا ايف آءِ آر ۾ جوابدار نامزد آهن جڏهن ته اينٽي ڪرپشن پوليس نائب تحصيلدار ۽ پٽواري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو