اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اسد عمر خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اسد عمر پنهنجي وڪيلن سميت اي ٽي سي جج ابوالحسنات جي عدالت ۾ پيش ٿيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سردار خارجي خان اي ٽي سي ۾ پيش ٿيو.وڪيل سردار بسي چيئرمين پي ٽي آءِ جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته اڳوڻو وزيراعظم اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي رهيو آهي. اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اسد عمر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
