اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر جي والده بقاءِ ۽ فانيءَ کان ڪوچ ڪري وئي آهي.بيرسٽر گوهر والده جي انتقال جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس نمازِ جنازه ضلعي بونير جي ڳوٺ ڊگر ۾ ادا ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف بيرسٽر گوهر جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اڳواڻ سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحومہ جي مغفرت ۽ درجات جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي آهي.










