پشاور (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي اڳواڻ اڪرم خان دراني چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جا ماڻهو مون سان رابطو ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪو رستو ڳولي سگهجي.هڪ بيان ۾ اڪرم دراني چيو ته هن پنهنجي ساٿين ۽ دوستن کي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن سان بحث نه ڪن.اڪرم خان دراني جو چوڻ آهي ته باجوڙ سانحو تمام وڏو آهي، هو بيڊ ريسٽ سبب زخمين جي عيادت نه ڪري سگهيو.هن چيو ته پيٽ جي سور سبب ڊاڪٽر هڪ مهيني آرام جو مشورو ڏنو آهي.جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ آهي ته هو ڏهن ڏينهن کانپوءِ سياسي سرگرميون ٻيهر شروع ڪندو.
