پي ٽي آءِ مٿان پابندي واري درخواست اعتراضن سان گڏ واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ مٿان پابندي واري درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته مدعي پنهنجي درخواست ۾ آرٽيڪل 184/3 جون گهرجون پوريون نه ڪيون آهن ۽ اهو واضح ناهي ڪيو ته پي ٽي آءِ مٿان پابندي آرٽيڪل 184/3 جي زمري ۾ ڪيئن اچي ٿي.رجسٽرار چيو ته درخواست گذار ڪنهن ٻئي فورم سان رابطو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اها نشاندهي ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي مفاد عامه جو معاملو ڪيئن آهي. اهو به اعتراض ڪيو ويو ته درخواست ۾ وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير کي آرٽيڪل 248 جي تحت ڌر نٿو بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو