پي ٽي آءِ حڪومت گار گند واري سياست جو بنياد رکيو،ناصر شاھ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيوآهي ته وفاقي وزير ڪراچي اچڻ ۽ سنڌ سرڪار کي برو ڀلو چوڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت گار گند، بد تميزي ۽ بي حياءَ واري سياست جو بنياد رکيو، پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته جڏهن فواد چوڌري آصف زرداري خلاف بيان ڏئي ٿو ته آئون تمام حيران ٿيندو آهيان، فواد چوڌري پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري جي گهر ويندو هو، صدر زرداري فواد چوڌري کي پارٽي ۾ عزت ڏني ۽ سياست ۾ کيس متعارف ڪرايو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي خلاف بيان بازي تي افسوس ٿئي ٿو، هن چيو آهي ته فواد چوڌري ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خواب ڏسي رهيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ پکين وانگر فواد چوڌري ٻي پارٽي ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو، پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن ۾ اميدوار نه ملندا، ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي موجودگي وڃائي ڇڏيندي ۽ ڪرائي جا ترجمان ڊوڙندا پنهنجن آکيرن ۾ وڃي ويهندا، هن چيوآهي ته فواد چوڌري سنڌ ۾ اچي ٿو ۽ سنڌ جي وڏي وزير خلاف بيان ڏي ٿو،جيڪڏهن فواد چوڌري کي فنڊز جي نگراني ڪرڻي آهي ته ڪي پي ڪي ڏانهن وڃي، فواد ڪي پي ڪي ۾ بي آر ٽي ۽ مالم جبا ۾ ڪرپشن نظر نه پئي اچي، هن چيو آهي ته فواد رنگ روڊ ۾ ڪرپشن ، کنڊ ۾ چوري، ڪڻڪ اسڪينڊل ۽ پنجاب ۾ شراب جي اجازتن کي نه ٿو ڏسي، پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڪرپشن لاءِ پنهنجي ايم پي ايز کي سڌو فنڊ ڏنا آهن، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جا ايم پي اي وفاقي فنڊنگ ۾ ننڍا ننڍا ڪرپشن ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۾ ارسا کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي، فواد چوڌري سنڌ تي پاڻي چوري جو الزام هڻي معاملي کي ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ چاهي ٿو، هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چيو ته نيب پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪري ٿيم ان ڪري ان حساب سان نيازي حڪومت کي مستعفي ٿيڻ گهرجي، فواد جو چوڻ آهي ته جمهوريت جي نالي تي سنڌ ۾ آمريت آهي، اصل ۾ فواد عمران جي آمريت کي ڏسي چڪو آهي، تنهن ڪري هو هر هنڌ آمريت ڏسي ٿو، فواد چوڌري آرٽيڪل 144 جي ڳالهه ڪري ٿو، هن کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ سرڪار مڪاني ادارن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو