اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب مان تحريڪ انصاف جي 32 قومي اسيمبلي ميمبرن جي ڊي نوٽيفڪيشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ڪميشن پنجاب جي 27 تڪن تي ضمني چونڊن جو شيڊول به ملتوي ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي 3 سيٽن تي چونڊ سرگرميون جاري رهنديون، اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي 3 سيٽن تي ضمني چونڊ 16 مارچ تي ٿيندي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل اسلام آباد جا حلق ۾ نه ٿيندو. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب مان جنرل سيٽن تي 27 ۽ مخصوص سيٽن تي 5 عورت ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو،اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ جي صداقت علي خان، غلام سرور خان، عامر ڪياني، فواد چوڌري، سيد فيض الحسن، حماد اظهر ۽ شفقت محمود جي ڊي نوٽيفڪيشن کي به معطل ڪيو ويو آهي.فخر امام، عامر ڊوگر، شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد سميت 27 ميمبرن کي ڊي نوٽيفڪيشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو.عورتن جي مخصوص سيٽن تي عاليه حمزه، ڪنول شوزب، عندليپ عباس، اسما حديد ۽ ملاڪا بخاري کي ڊي نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو.










