انتقامي سياست جي خاتمي لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن پي پي کي ووٽ ڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 17 وزارتون جيڪي ارڙهين ترميم بعد وفاق ۾ نه هجڻ گهرجن اهي ختم ڪنداسين جنهن مان 300 ارب جي بچت ٿيندي اها رقم ۽ اشرافيا کي ملندڙ اربين روپين جي سبسڊي بند ڪري رقم عوام تي خرچ ڪنداسين. لاهور ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيٺ ڪيستائين پنجاب تي ڪڏهن شوباز ته ڪڏهن وسيم اڪرم پلس کي وڙهي لاهور کي سزا ڏني ويندي؟ پ پ کي لاهور ۾ گهٽ انگ جو مهڻو ڏيندڙ وساري ويٺا ته لاهور ۾ ڪارڪنن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تي آپگهات ڪيا، بي بي پاڪستان آئي ته لاهور شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس وزيراعظم بڻايو.
https://twitter.com/BBhuttoZardari/status/1749065639036158373

جلسي ۾ آصفه ڀٽو ۽ اعتزاز احسن به شريڪ ٿيا. هن چيو ته 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪندي اقتدار ۾ اچي 17 وزارتون ۽ اشرافيا کي ڏني ويندڙ سبسڊي بند ڪنداسين ۽ پئسو عوام تي خرچ ڪنداسين، مون کي وزيراعظم بڻايو ته 5 سالن ۾ توهان جي پگهار ٻيڻي ڪري ڇڏيندس، سولر پئنل ذريعي 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏينداسين، عورتن ۽ هارين کي ڪارڊ فراهم ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته ن ليگ ڀرپور طاقت ۽ دهشت سان تحريڪ انصاف ڪارڪنن کان انتقام وٺي رهي آهي، اسان سدائين انتقامي سياست جي مخالفت ۽ سياسي قيدين جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جا نوجوان چونڊن ۾ ضرور ووٽ وجهن، توهان جيان پ پ به ن ليگ جا ظلم برداشت ڪيا، نوجوان منهنجو پيغام گهر گهر پهچائين، لاهور ۾ ته ڪو نظر نه پيو اچي، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ گم آهن. هن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي چيو ته هو پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن ۽ پي پي کي ووٽ ڏين جيئن نفرت، تقسيم ۽ انتقام جي سياست ختم ڪري سگهجي. ان موقعي تي اعتزاز احسن چيو ته پيپلزپارٽي منهنجو گهر آهي سڄي ڄمار ان ۾ رهيو آهيان مونکي ڪير به پارٽي مان ڪڍي نٿو سگهي. تازو پي پي ۾ شامل ٿيندڙ پنجاب جو    وڻو گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور به جلسي ۾ شريڪ هو ۽ هن چيو ته بلاول کي لاهور مان ڪامياب ڪرائي کيس وزيراعظم بڻائينداسين….ٻئي طرف آصفه ڀٽو زرداري بلاول بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت تي لاهور جي عوام جا ٿورا مڃيا آهن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته لاهور وارن ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي جمهوريت جا چاهيندڙ آهن ۽ نئين سوچ کي پسند ڪن ٿا، بلاول ڀٽو جو تاريخي جلسو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته لاهور وارن چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو سڀ ڏسي رهيا آهن ته لاهور بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيٺو آهي، ن ليگ لاهور وارن جو اهڙو پاور شو نه ڪري سگهي، جهڙو اڄ مختصر نوٽس تي پ پ ڪيو. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي مباحثي جو چئلينج ڪيو آهي، جيڪڏهن ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار ۾ همت هجي ها ته ٽي وي تي لائيو اچي منهن ڏئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو