پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار دراني اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ افتخار دراني کي گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب افتخار دراني کي اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گرفتاري جو سبب اڃا تائين سامهون ناهي آيو.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر افتخار دراني گم آهي، کيس اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان موجب افتخار دراني جي اغوا بابت تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو