پي سي بي ڪوچ لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ جي ڳولا لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي پنهنجي ويب سائيٽ تي ڪوچز لاءِ اشتهار ڏنو آهي جنهن ۾ وائيٽ بال هيڊ ڪوچ ۽ ريڊ بال هيڊ ڪوچ لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.ڪوچز لاءِ اميدوار 15 اپريل تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال ۽ ريڊ بال لاءِ الڳ هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وائيٽ بال لاءِ گيري ڪرسٽن ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ لاءِ جيسن گلسپي جي مقرري جا امڪان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو