پي سي بي پاران ڀارتي براڊ ڪاسٽر خلاف درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون ميچون نه ڏيکارڻ جي انڪار تي بي سي بي ڀارتي براڊ ڪاسٽر خلاف لنڊن جي عالمي ثالثي عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي. پي سي بي ايونٽ جي معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ تي نقصان جو ازالو ڪرڻ ۽ داد رسي لاءِ درخواست ڪئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڀارتي براڊ ڪاسٽر آءِ ايم جي آر وچ ۾ پي ايس ايل 2019 جون سڀئي ميچون براه راست ڏيکارڻ جو معاهدو هيو پر 7 ميچن بعد براڊ ڪاسٽر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪم روڪي ڇڏيو هو. براڊ ڪاسٽر پاران اهڙي اچانڪ فيصلي ۽ ايونٽ کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پي ايس ايل جون ميچون جاري رکڻ ۾ نه صرف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ذهني دٻاءُ به برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن مطابق لنڊن جي ان عالمي ثالثي عدالت ۾ پيش ٿيندڙ مقدمي ۾ بطور هرجاڻي جي وڏي رقم حاصل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پر ان جا تفصيل خفيا رکيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو