پي سي بي، ڪي پي ايل، سنڌ حڪومت ۽ شاهنواز ڏاهاڻي

ڪراچي (رپورٽ اياز  مهر) ڪشمير پريميئر ليگ يعني ڪي پي ايل جا ميچز جاري آهن، جنهن ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. هر ٽيم ۾ 15 رڪني اسڪواڊ آهي ۽ ڪل 90 رانديگر آهن.  افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پي ايس ايل جو ڪامياب ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ شاهنواز ڏاقهاڻي ڪنهن کي به نظر نه آيو. پي ايس ايل جي پڄاڻي بعد جڏهن ميڊيا ۾ پي سي بي جي سليڪٽرز تي تنقيد ٿي ته هنن اها خبر هلائي ڇڏي ته ڏاهاڻي کي لنڊن موڪلبو. پاڪستاني ٽيم ذليل ٿي ون ڊي ۾ وائيٽ واش ٿي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز به بري طرح هارائي ويسٽ انڊيز رواني ٿي. پي سي بي مسلسل شاهنواز ڏاهاڻي جهڙي ٽيلنٽيڊ رانديگر کي ضايع پئي ڪري.

Photo Sindhyar

سفارسي ڪلچر ۽ منهنجو ماڻهو کڻو واري پاليسي سبب لڳاتار سنڌ جي رانديگرن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي. شاهنواز ڏاهاڻي ته صرف هڪ ڪرداسر آهي، سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌي رانديگرن ۾ بي پناهه ٽيلنٽ آهي پر افسوس تي تعصب جي عينڪ پاتل پي سي بي انتظاميا کي اهو سڀ ڪجهه نظر نٿو اچي. سوال اهو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن کي هميشه نظرانداز ڪري رڳو پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجرن تي فوڪس ڪرڻ سان ان ٽيم کي قومي ٽيم نٿو چئي سگهجي.

Photo Twitter

هئڻ ته ايئن گهرجي ته سنڌ حڪومت جي اسپورٽس وارو کاتو سنچي رانديگرن جي مالڪي ڪري سنڌ پريميئر ليگ ٺاهي ۽ پي سي بي کي سنڌ جو ٽيلينٽ ڏيکاري منهن تي چماٽ هڻي جيئن سنڌ جا شاهنواز تباهه نه ٿين. سنڌ حڪومت سنڌ جي رانديگرن کي سٺو روزگار ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪري ته سندن نا اهلي جا کوڙ داغ لڪي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو