پي ايس ايڪس انڊيڪس ۾ 650 پوائنٽس جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ تاريخ جي بلند ترين سطح تي ختم ٿي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اربع ڏينهن مثبت انداز ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪئي ۽ ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 66 هزار جي سطح عبور ڪري ويو، ڪاروبار دوران انڊيڪس ۾ وڌيڪ 175 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ انڊيڪس 66 هزار 81 تي پهچي ويو.ٻئين سيشن ۾ انڊيڪس 351 پوائنٽس وڌي 66 هزار 257 تي پهچي ويو.ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 663 پوائنٽن جي واڌ سان 66569 جي سطح تي بند ٿيو.اڄ 100 انڊيڪس نئين 2024 جي اعلي سطح تي اچي ويو ۽ انڊيڪس 1٪ حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو