پي ايس او کي 30 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت هلندڙ هفتي دوران پي ايس او کي 30 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پي ايس او کي ادائيگين لاءِ ايس اين جي پي ايل کي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته باقي 25 ارب رپيا هن هفتي گهريلو صارفين ۽ فرٽيلائزر پلانٽس کي سبسڊي جي صورت ۾ جاري ڪيا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس اين جي پي ايل پي ايس او کي فوري طور تي 30 ارب رپيا وصول ڪندي، گهريلو صارفين ۽ فرٽيلائزر پلانٽس کي سبسڊي بجيٽ ۾ مختص ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا ايندڙ هفتي فيصلو ڪندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ پي ايس او کي ٻه پاور پلانٽ ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو