ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي انٽرنيشنل ايئرلائنز سعودي عرب جي نئين ايئرلائن، رياض ايئر سان هڪ اهم ۽ تاريخي ڪارگو معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.قومي ايئرلائن جي ترجمان موجب، معاهدي تحت، ڪارگو پاڪستان ۽ لنڊن کان رياض آندو ويندو جتان سامان ٻنهي ايئرلائنز جي نيٽ ورڪ ذريعي انهن جي منزل تائين پهچايو ويندو.ترجمان چيو ته اهو معاهدو اڄ، 29 آڪٽوبر کان باضابطه طور تي لاڳو آهي، ۽ هن معاهدي جو بنيادي مقصد پي آءِ اي جي ڪارگو آپريشن کي وڌائڻ ۽ ڪمپني جي آمدني ۾ نمايان اضافو ڪرڻ آهي.هن چيو ته هي معاهدو پي آءِ اي جي مضبوط ڪاروباري حڪمت عملي جو حصو آهي. هي معاهدو هوائي ڪارگو جي تيزي سان وڌندڙ عالمي گهرج کي پورو ڪرڻ جي طرف هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.










