پي آءِ اي پاران يوم آزادي تي 14 سيڪڙو رعايت جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) يوم آزادي جي موقعي تي پروازن ۾ 14 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو آهي.پي آءِ اي ترجمان موجب قومي ايئر لائن پي آءِ اي يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ تي سمورن گهرن جي اڏامن تي رعايت جو اعلان ڪيو آهي.پي آءِ اي ترجمان موجب جشن آزادي جي موقعي تي قومي ايئر لائن جي سمورن ڊوميسٽڪ فلائيٽن تي 14 سيڪڙو رعايتي ٽڪيٽ موجود هوندي، جنهن لاءِ رعايتي ٽڪيٽون فوري طور تي جاري ڪري سگهجن ٿيون.ترجمان موجب رعايتي ٽڪيٽون 14 آگسٽ کان سفر لاءِ موثر هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو