پي آءِ آي 60 سالن ۾ 55 حادثا، رپورٽ لاءِ نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ سنڌ ها ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ پي آءِ اي جي اي ٽي آر جهاز حادثي بابت انڪوائري رپورٽ ظاهر ڪرڻ ۽ آئنده اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي وفاقي سرڪار، پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم خميس تي اقبال ڪاظمي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي ٽي سال اڳ گلگت ۾  حادثي جو شڪار ٿيندڙ اي ٽي آر  جهاز جي ڪئپٽن احمد منصور جنجوعه جي امڙ پڻ پيش ٿي. ڪپئٽن احمد منصور جنجوعه جي امڙ عدالت ۾ روئندي چيو ته منهنجي پٽ کي هڪ ناڪاره جهاز ۾ ويهاريو ويو جيڪو حادثي جو شڪار ٿيو پر ان حادثي جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل جهاز حادثي بابت انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي پر ان ڪميٽي جي رپورٽ اڃا تائين منظر تي نه اچي سگهي آهي. هن چيو ته ڪير به نه ٿو ٻڌائي ته جهاز کي حادثو ڪيئن پيش آيو؟. هن چيو ته ڄاڻايل جهاز حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سڀني وٽ وئي آهيان پر ڪير به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن تي عدالت سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پي آءِ اي  جي آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جهازن کي حادثا پيش اچي رهيا آهن پر ٻئي ادارا ڇا ڪري رهيا آهن؟. عدالت پڇيو ته هن وقت ڪيترا اي ٽي آر جهاز اڏايا پيا وڃن جنهن تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيسر ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 7  اي ٽي آر جهاز اڏامي رهيا آهن ۽ سمورن جهازن جي اڏام کان اڳ باقائده سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو آهي جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن جهازن جي اڏام لائق هجڻ بابت سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا آهن ته پوءِ حادثا ڪيئن پيش اچي رهيا آهن؟. جيڪو فٽنس سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو آهي حادثن جو ذميوار به ان کي هجڻ گهرجي؟. عدالت پڇيو ته ڄاڻايل جهاز جي انڪوائري ڪير ڪري رهيو آهي؟ ۽ ان جي رپورٽ ڇو نه ٿي اچي؟. جنهن تي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيسر چيو ته جهاز حادثي جي انڪوائري وفاقي سرڪار جي ماتحت ٿي رهي آهي جنهن تي عدالت ڄاڻايل جهاز حادثي جي انڪوائري رپورٽ بابت وفاقي سرڪار، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پي آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  اقبال ڪاظمي پاران  داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي آءِ اي جي 60 سالن جي تاريخ ۾ 55 جهاز حادثي جو شڪار ٿي چڪا آهن جن مان 20 اي ٽي آر جهاز اڏام دوران انجڻ بند ٿيڻ سبب حادثي جو شڪار ٿيا. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 7 ڊسمبر 2016ع تي به انجڻ بند ٿيڻ سبب پي ڪي 661 حادثي جو شڪار ٿيو جنهن ۾ جنيد جمشيد سميت 47 ڄڻا فوت ٿي ويا پر ڄاڻايل حادثي جي انڪوائري لاءِ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي پر هن وقت تائين ان انڪوائري ڪميٽي جو ڪو نتيجو ظاهر نه ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو